اسرائيلي فوج وڌيڪ 4 فلسطيني شهيد ڪري ڇڏيا

غزه : اسرائيلي فوج غزه ۾ جنگ بندي جي ڀڃڪڙي جاري رکي ٿي ۽ 4 وڌيڪ فلسطيني شهيد ڪري ڇڏيا آهن.هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، اسرائيل 10 آڪٽوبر جي معاهدي کان وٺي 500 کان وڌيڪ ڀيرا جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. جنگ بندي جي باوجود، غزه ۾ انساني صورتحال تباهي ڪندڙ رهي ٿي.گڏيل قومن جي امدادي اداري UNRWA خبردار ڪيو آهي ته 90 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي امداد تي منحصر آهي، اڪثر ماڻهن کي 24 ڪلاڪن ۾ صرف هڪ ڀيرو کاڌو ملي ٿو.ٻئي طرف، آمريڪا ۽ اسرائيل جي حمايت سان تڪراري امدادي تنظيم غزه هيومنٽيرين فائونڊيشن، غزه ۾ آپريشن بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

تبصرے بند ہیں۔