لبنان :حزب الله بيروت ۾ پنهنجي ڪمانڊر هيثم علي طباطبائي جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي.عرب ميڊيا موجب، مزاحمتي تنظيم حزب الله تصديق ڪئي آهي ته ڪمانڊر هيثم علي طباطبائي لبنان جي گادي واري هنڌ بيروت ۾ اسرائيلي هوائي حملي ۾ سندس پنجن ساٿين سان گڏ شهيد ٿي ويو.حزب الله جي سينئر اڳواڻ محمد محمد قطامي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل حد پار ڪري چڪو آهي ۽ جوابي ڪارروائي تي غور ڪري رهيو آهي.لبنان جي صحت واري وزارت چيو آهي ته اڄ اسرائيلي هوائي حملي ۾ 28 شهري پڻ زخمي ٿيا آهن.
تبصرے بند ہیں۔