اسلام آباد:حڪومت وفاقي سطح تي سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب آءِ ٽي وزارت سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي جي قيام لاءِ سائبر سيڪيورٽي ايڪٽ جو شروعاتي مسودو تيار ڪري ان کي اسٽيڪ هولڊرز کي صلاح مشوري لاءِ موڪليو آهي.آءِ ٽي وزارت موجب، قومي سائبر سيڪيورٽي پاليسي ملڪ گير ڊجيٽل سيڪيورٽي لاءِ هڪ فريم ورڪ فراهم ڪري ٿي. پاليسي کي ڊجيٽل معيشت وڌائڻ واري پروگرام تحت لاڳو ڪيو پيو وڃي.آئي ٽي وزارت جي دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته محفوظ ڊيٽا ايڪسچينج ليئر ۽ ڊجيٽل سڃاڻپ منصوبن تي اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته نادرا، ايف بي آر، ۽ ٽيليڪام ڊيٽا کي اهم ڊجيٽل انفراسٽرڪچر قرار ڏنو ويو آهي.آفيسرن موجب، اٿارٽي اهم قومي انفراسٽرڪچر لاءِ سائبر سيڪيورٽي قدمن جي سفارش ڪندي، جڏهن ته سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي ملڪ ۾ سائبر سيڪيورٽي قدمن کي لاڳو ڪندي.
تبصرے بند ہیں۔