اسلام آباد: چئني صوبن ۾ وفاقي آئيني عدالت جون رجسٽريون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.وفاقي آئيني عدالت جي جسٽس عامر فاروق چيو ته ملڪ ۾ صوبائي رجسٽريون قائم ڪيون وينديون ته جيئن عوام کي پنهنجن صوبن ۾ آئيني ڪيس داخل ڪرڻ جي سهولت ملي سگهي.هن چيو ته آئيني عدالت هن وقت هڪ منتقلي جي مرحلي مان گذري رهي آهي ۽ جلد ئي مڪمل طور تي فعال ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.وفاقي آئيني عدالت جي جسٽس عامر فاروق چيو ته وڊيو لنڪ جي سهولت به آئيني عدالت جي پرنسپل سيٽ کان صوبائي رجسٽرين کي فراهم ڪئي ويندي، جنهن سان ڪيسن جي ٻڌڻي ۾ وڌيڪ شفافيت، رفتار ۽ سهولت ايندي.
تبصرے بند ہیں۔