اليڪشن ڪميشن سهيل آفريدي جي سرڪاري ملازمن کي ڏنل ڌمڪي واري بيان جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، اهم اجلاس طلب

اسلام آباد:  اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو ضمني چونڊن تي مقرر سرڪاري ملازمن جي خلاف ڌمڪي وارن لفظن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.

ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن اڄ صبح ساڍي 11 وڳي اجلاس طلب ڪيو جنهن ۾ سهيل آفريدي جي معاملي تي مناسب قانوني ڪارروائي ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.

ٻئي طرف پختونخواهه جي وڏي وزير جي ترجمان چيو ته وزيراعليٰ جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي. هن سهيل آفريدي جي بيان کي غلط رنگ ڏيڻ کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ قرار ڏئي ڇڏيو ۽ واضح ڪيو ته وڏي وزير ڪنهن کي به ڌمڪي ناهي ڏني پر قانون جي نفاذ جي ڳالهه ڪئي هئي. حڪومت هر قيمت تي شفاف ۽ غير جانبدارانه ضمني چونڊون يقيني بنائيندي.

ياد رهي ته سهيل آفريدي ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو هو ته 23 نومبر تي ضمني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار عمر ايوب جي گهر واري 2 لک ووٽ کڻي ڪامياب ٿيندي. هن انتظاميه ۽ پوليس کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن چونڊن جي ڏينهن بدنظمي ٿي ته اوهان رات تائين عهدن تي نه رهندو.

تبصرے بند ہیں۔