عليمه خان 11 ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ عدالت ۾ پيش، ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم چيلينج
راولپنڊي: صادق آباد ٿاڻي ۾ 26 نومبر احتجاج ڪيس ۾ عليمه خان 11 گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ٿي وئي.
رپورٽ موجب عدالت پهچڻ تي ڪيس جا ٻيا 10 جوابدار 5 گواهه به عدالت ۾ موجود هئا. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته عليمه خان ڪيس ۾ شامل دهشتگردي جي قلم 7 اي ٽي اي کي چيلينج ڪندي انهي کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي استدعا داخل ڪئي.
عليمه خان پنهنجي خلاف جاري سمورا گرفتاري وارنٽ ملتوي ڪرڻ ۽ منجمد بينڪ اڪائونٽس بحال ڪرڻ جي درخواست به ڏني. عدالت 7 اي ٽي اي ختم ڪرڻ جي درخواست ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي سرڪاري وڪيل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ 26 نومبر تي دليل طلب ڪري ورتا. عدالت پراپرٽي بحق سرڪار ضبطگي جو عمل به ختم ڪري ڇڏيو.
عليمه خانه جي پيشي جي موقعي تي ٻڌڻي هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهي، انهي دوران سرڪاري وڪيل وارنٽ ملتوي ڪرڻ ۽ بينڪ اڪائونٽس جي بحالي جي سخت مخالفت ڪئي پر عدالت ايندڙ تاريخ تي عليمه خان کي حاضري لازمي جو حڪم ڏيندي جاري سمورا وارنٽس ختم ڪري ڇڏيا ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي پنجن گواهن کي به طلب ڪري ورتو.
ٻڌڻي کان پوءِ صحافي جي سوال تي ته راڻا ثناءُالله اڊياله جيل ۾ تشدد جي مذمت ڪئي آهي. جنهن تي عليمه خان جواب ڏنو ته اهي بدمعاش آهن، پهريان بدمعاشي ڪن ٿا پوءِ مذمت ڪندا آهن، هي بدمعاشن جي حڪومت آهي.
تبصرے بند ہیں۔