آزاد ڪشمير احتجاج: مظاهرين جبلن تان فائرنگ ڪئي، ڪوڪا لڳل ڏنڊن سان تشدد ڪيو: زخمي پوليس اهلڪار

مظفرآباد:  آزاد ڪشمير ۾ ٿيل احتجاج جي دوران زخمي ٿيل پوليس اهلڪار چيو آهي ته ڪشمير ايڪشن ڪميٽي جي مظاهرين جبلن جي مٿان کان فائرنگ ڪئي ۽ ڪوڪا لڳل ڏنڊن سان تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

وفاقي ۽ آزاد ڪشمير حڪومت طرفان ڳالهين جي دعوت جي باوجود آزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي طرفان احتجاج جو سلسلو جاري آهي. احتجاج جي دوران زخمي ٿيل پوليس اهلڪار ٻڌايو ته ڪشمير ايڪشن ڪميٽي جي مظاهرين اسان کان هٿيار ڦر ڪيا، پوليس اهلڪارن تي فائرنگ به ڪئي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس به اڇليا، عوامي ايڪشن ڪميٽي کي چيو ته اوهان پرامن احتجاج ڪريو، اسان کي ڪوبه اعتراض نه آهي پر منع ڪرڻ جي باوجود مظاهرين جبلن تي چڙهي ويا ۽ مٿان کان اسان تي فائرنگ ڪئي وئي.

زخمي پوليس اهلڪار ٻڌايو ته عوامي ايڪشن ڪميٽي وارن ڪوڪا لڳل ڏنڊن سان پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بنايو. مظاهرين جي تشدد سبب ايس پي به زخمي ٿيو، عوامي ايڪشن ڪميٽي جي پرتشدد مظاهرين اسان جي ڪابه ڳالهه نه ٻڌي. زخمي پوليس اهلڪار چيو ته اسان ڊهڊيال جي شهر چڪسواري جي علائقي پلاڪ ۾ ڊيوٽي ڪري رهيا هئاسين، شرپسند مظاهرين اسان جي رهائشگاهن جو گهيراءُ ڪيو ۽ اسان جي سامان کي باهه ڏئي ساڙيو ويو.

زخمي پوليس اهلڪار موجب شرپسند مظاهرين وٽ 30 بور، نائن ايم ايم جا پستول هئا، الله اسان جي حياتي بچائي، ڇو ته شر پسند مظاهرين ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي، مظاهرين ڪنٽينر هٽايو، جنهن ايمبولينس ۾ وڃي رهيو هئس انهي کي به تباهه ڪيو ويو. ياد رهي ته آزاد ڪشمير ۾ جاري احتجاج جي دوران 3 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 6 شهري فوت ٿي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔