اسراِ ئيل جو گلوبل صمود فلوٽيلا تي حملو، 200 کان وڌيڪ انساني حقن جا ڪارڪن گرفتار

تل ابيب: اسرائيلي فوج غزه جي لاءِ امداد کڻي ويندڙ عالمي قافلي گلوبل صمود  فلوٽيلا تي حملو ڪري ڪيترن ئي ٻيڙين کي روڪي ڇڏيو، سوئيڊن جي مشهور ماحولياتي ڪارڪن گريٽا تهنبرگ سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.

عرب ميڊيا موجب صمود فلوٽيلا ۾ 40 کان وڌيڪ ٻيڙين تي تقريبن 500 انساني حقن جا ڪارڪن، پارليامينٽرينز، وڪيل ۽ صحافي سوار هئا جيڪي غزه جي عوام تائين دوائون ۽ خوراڪ پهچائڻ جي مشن تي روانا ٿيا هئا. فلوٽيلا انهي وقت جنگ سٽيل علائقي کان تقريبن 90 ميل پري هو جڏهن ته اسرائيلي بحريه انهي جو گهيراءُ ڪيو.

اسرائيلي پرڏيهي وزارت سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي چيو ته صمود  فلوٽيلا جي جهازن کي حفاظت سان روڪيو ويو آهي. جڏهن ته گرفتار ڪارڪنن کي اسرائيلي بندر گاهه اشدود منتقل ڪيو پيو وڃي. وزارت هڪ وڊيو به جاري ڪئي جنهن ۾ گريٽا تهنبرگ کي کڻي ويندي ڏٺو ويو آهي.

ٻئي طرف صمود فلوٽيلا انتظاميه تصديق ڪئي آهي ته اسرائيلي فوجي ٻيڙين تي سوار ٿيڻ کان پوءِ جهازن تي لڳل ڪيمرائن کي به بند ڪري ڇڏيو. فلوٽيلا جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ميمبر ياسمين آقار چيو ته اسرائيلي بحري جهازن اسان جي ٻيڙي الما کي گهيري ورتو آهي.

اسرائيلي پرڏيهي وزارت جي وڊيو ۾ هڪ نيول آفيسر فلوٽيلا کي رستو تبديل ڪري اشدود جي بندر گاهه وڃڻ جو چئي رهيو آهي ته جيئن امداد جي سيڪيورٽي ڪليئرنس کان پوءِ انهي کي غزه تائين اماڻي سگهجي پر فلوٽيلا جي منتظمين انهي آڇ کي رد ڪندي چيو ته اهو قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، عالمي انصاف واري عدالت جي فيصلي موجب انساني همدردي جي امداد کي روڪڻ غير قانوني آهي.

فلوٽيلا جي هڪ مسافر خوسي لوئس بيوت وڊيو پيغام ۾ چيو ته اسان جي چوڌاري تقريبن 2 درجن اسرائيلي جهاز آهن اهي اسان کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ اچي رهيا آهن. گلوبل صمود فلوٽيلا جي قافلي ۾ شامل ٻيڙي تي سوار عرب صحافي حسن مسعود سوشل ميڊيا تي جاري هڪ وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته اسان جي ٻيڙي غزه جي سامونڊي حدن ۾ داخل ٿي چڪي آهي.

اهڙي صورتحال کان پوءِ عالمي رد عمل به سامهون اچي رهيو آهي. اٽلي جي پرڏيهي وزير انتونيو تاجاني چيو ته اسرائيلي پرڏيهي وزير يقين ڏياريو آهي ته ڪارڪنن جي خلاف تشدد  استعمال نه ڪيو ويندو. هن اهو به مڃيو ته ٻيڙين تي موجود پرڏيهي شهرين کي امڪاني طور تي اسرائيل منتقل ڪرڻ کان پوءِ ملڪ بدر ڪيو ويندو.

اٽلي جي سڀني کان وڏي يونين به فلوٽيلا تي اسرائيلي ڪارروائي جي خلاف عام هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، يونين جو چوڻ آهي ته اسرائيل ڄاڻي واڻي خوراڪ، دوائون ۽ ضروري سامان کي غزه ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي رهيو آهي جنهن سبب معصوم ٻار سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن.

گلوبل صمود فلوٽيلا جي ترجمان سيف ابوڪشيڪ انسٽاگرام تي هڪ مشن اپ ڊيٽ جاري ڪيو آهي جنهن ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته اسرائيلي فوج سمنڊ ۾ 13 ٻيڙين کي روڪي ورتو آهي. هن ٻڌايو ته گرفتارين جي باوجود گروپ جو مشن جاري آهي. ابو ڪشيڪ موجب فلوٽيلا جا تقريبن 30 جهاز آهن جيڪي هن وقت به قابض فوج جي فوجي جهازن کان بچندي غزه جي سامونڊي حدن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

فلوٽيلا ۾ شامل آمريڪي ڪارڪن ليلي بيگزي جو پهريان کان رڪارڊ ٿيل پيغام سوشل ميڊيا تي جاري ڪيو ويو جنهن ۾ هن چيو ته جيڪڏهن اوهان منهنجي وڊيو ڏسي رهيا آهيو ته انهي جو مطلب آهي ته مون کي اسرائيلي فوج اغوا ڪري ورتو آهي اهو قدم غيرقانوني آهي مان عالمي برادري ۽ آمريڪي حڪومت کان مطالبو ڪريان ٿي ته فلسطيني عوام جي نسل ڪشي ۾ اسرائيل جي حمايت بند ڪئي وڃي ۽ سمورن ڪارڪنن جي حفاظت سان واپسي کي يقيني بنايو وڃي.

ياد رهي ته گلوبل صمود  فلوٽيلا ڪيترن ئي يورپي ۽ عرب ملڪن جي ڪارڪنن جي گڏيل ڪاوش آهي جيڪا اسرائيل جي غزه تي لڳايل سخت ناڪه بندي ٽوڙڻ جي لاءِ عالمي سطح تي سرگرم آهي. اسرائيل ڪيترائي ڀيرا وارننگ ڏئي چڪو هو ته هو فلوٽيلا کي غزه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔