آمريڪا ۾ شٽ ڊائون، فوجين سميت هزارين ملازم پگهار کان محروم

واشنگٽن: آمريڪا ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اختلافن سبب هڪ ڀيرو ٻيهر شٽ ڊائون شروع ٿي ويو، جنهن سبب هزارين سرڪاري ملازمن کي پگهارن کان محروم ٿيڻ جو خطرو آهي. غير ملڪي خابرو ادارن موجب، حڪومت جي فنڊنگ بابت بل آمريڪي سينيٽ مان منظور نه ٿي سگهيو، جنهن سبب آمريڪا ۾ شٽ ڊائون لاڳو ٿيو. شٽ ڊائون جي ڪري ڪجهه سرڪاري ادارن جو ڪم رڪجي ويو آهي ۽ اندازي مطابق لڳ ڀڳ 75 هزار ملازمن کي پگهارن جي ادائيگي به رڪجي وئي آهي. ڊيموڪريٽس ۽ ريپبلڪن اڳواڻ هڪٻئي تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪري رهيا آهن. ڊيموڪريٽ پارٽي سان واسطو رکندڙ اڳوڻي نائب صدر ڪملا هيرس سوشل ميڊيا تي لکيو ته ڪانگريس جي سرڪاري ريپبلڪن ميمبر صرف انهيءَ ڪري شٽ ڊائون ڪيو، ڇو ته انهن عوام جي هيلٿ ڪيئر لاءِ رقم وڌائڻ کان انڪار ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته وائٽ هائوس، ايوان نمائندگان ۽ سينيٽ سڀ ريپبلڪنز جي هٿ ۾ آهن ۽ هي شٽ ڊائون به انهن جو ئي آهي. ٻئي طرف آمريڪي ايوان نمائندگان جي ريپبلڪن اسپيڪر مائيڪ جانسن الزام لڳايو ته ڊيموڪريٽس باقاعدي طور حڪومت کي بند ڪرڻ لاءِ ووٽ ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ٻار ۽ مائرون غذائي کوٽ جو شڪار آهن، اڳوڻا فوجي هيلٿ ڪيئر ۽ خودڪشي کان بچاءَ وارا منصوبا حاصل نه ڪري رهيا آهن، ۽ فوجي ۽ TSA ايجنٽس به پگهارن کان محروم آهن. ياد رهي ته آمريڪا ۾ ان کان اڳ 2018-19 ۾ سڀ کان ڊگهو شٽ ڊائون 35 ڏينهن تائين جاري رهيو هو، جيڪو ڊونلڊ ٽرمپ جي پهرين دور صدارت ۾ ٿيو هو. صدر ٽرمپ جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ بعد هن اصلاحات جي نالي ۾ سوين ملازمن کي برطرف ڪيو آهي ۽ هاڻي به ڌمڪي ڏني آهي ته هو ڊيموڪريٽس جي حامي هزارين ملازمن کي برطرف ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔