ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقن ملير، آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلو صبح جو 9 لڳي 34 منٽن تي رڪارڊ ڪيو ويو جنهن جي شدت 3.2 ۽ گهرائي زمين اندر 10 ڪلو ميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز ملير کان 7 ڪلو ميٽر اتر اوڀر طرف هو.