واشنگٽن: آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم پريس ڪانفرنس دوران سوالن جا جواب نه ڏنا…..ان کان اڳ آمريڪا جي نيوز ويب سائيٽ آڪسيو خبر بريڪ ڪئي آهي ته نيتنو ياهو وائيٽ هائوس مان فون تي قطر جي وزيراعظم سان ڳالهايو آهي ۽ سندن خودمختاري جي خلاف ورزي تي معافي گهر ي آهي. سي اين اين جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم البته سوري ناهي ڪئي. اهو پهريون ڀيرو آهي ته اسرائيل ۽ قطر جي وزيراعظمن سڌي ريت فون تي ڳالهايو آهي. نيتن ياهو صدر ٽرمپ سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪندو ۽ صدر ٽرمپ پاران فوري عذا ۾ جنگبندي بابت 21 نقطن واري معاهدي جي حمايت ڪندو. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات بعد پريس ڪانفرنس به ٿيندي ۽ مانجهاندو به گڏجي ڪندا. آچر تي صدر ٽرمپ جي خصوصي نمائندي اسٽيو وٽڪوف ۽ ٽرمپ جي ناٺي جيرڊ ڪشنر نيتن ساهو سان ملاقات ڪئي هئي ۽ کيس صدر ٽرمپ جي جنگبندي پلان تسليم ڪرڻ بابت ڳالهايو هو. ان ملاقات ۾ ڪجهه معاملنت ي نيتن ياهو راضي نه هو پر گهڻي ڀاڱي هو پلان سان متفق ٿيو هو. غزا ۾ لڳاتار جنگبندي، اسپتالن ۽ اسڪولن جي تباهي بعد ڏڪار واري صورتحال آهي، 66 هزار کان مٿي ماڻهو مري چڪا آهن. اسرائيل کي هٿيار فراهم ڪندڙ يورپي ملڪن به مٿس دٻاءُ وڌو آي ۽ گڏيل قومن سميت دنيا جي اڪثر ملڪن پاران انٽرنيشنل قانون جي ڀڃڪڙين جي الزامن ۽ سفارتي تعلق محدود ڪرڻ باوجود نيتن ياهو غزا م جنگبندي لاءِ تيار نه هو. گڏيل قومن ۾ خطاب وقت 100 کان وڌيڪ ملڪن جا وفد نيتن ياهو جي تقرير جو بائيڪاٽ ڪري چڪا هئا ۽ اسرائيل دنيا ۾ اڪيلو ٿي رهيو هو. اهڙي صورتحال ۾ صدر ٽرمپ جنگبندي لاءِ 21 نقاطي فارمولو پيش ڪيو. حماس ان کان لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي پر صدر ٽرمپ قطر تي دٻاءُ وڌو آهي ته هو حماس کي راضي ڪن ۽ سمورا يرغمالي جيئرا توڙي لاش ريڊ ڪراس حوالي ڪن. آڪسيو ويب سائيٽ جي دعوا آهي ته نيتن ياهو ۽ صدر ٽرمپ معاهدي جي منظوري ڏانهن وڌي رهيا آهن.