راولپنڊي: جي ايڇ ڪيو حمله ڪيس ۾ وڪيل صفائي عمران خان جي موجودگي کان سواءِ رڪارڊ ڪيل 13 گواهن جا بيان ٻيهر وٺڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب جي ايڇ ڪيو حمله ڪيس جي ٻڌڻي جج امجد علي شاهه جي طبيعت خراب هجڻ سبب 7 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي. دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ اڄ ٿيل ٻڌڻي جي حوالي سان عدالتي عملي ٻڌايو ته جج جي طبيعت صحيح نه هئي، هن موڪل وٺي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ وڪيل صفائي حاضري لڳائي واپس روانو ٿي ويو جڏهن ته جوابدارن کي به حاضري لڳائي واپس اماڻيو ويو.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهي بيان واٽس ايپ ڪال سستم جي تحت بائيڪاٽ کان پوءِ رڪارڊ ڪيا ويا جڏهن ته فيئر ٽرائل جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي لاءِ جوابدار جي سامهون بيان رڪارڊ ٿيڻ لازمي آهي.
وڪيل صفائي جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. وڪيل صفائي ٻڌايو ته اسان وڊيو لنڪ واٽس ايپ ڪال ٽرائل هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. جتي اسان جي پٽيشن ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪئي وئي آهي.