سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ مبينا طور اربين روپين جي ڪرپشن ، اينٽي ڪرپشن جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڄامشورو:  سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين پرويز احمد پاران مبينا طور اربن جي ڪرپشن ڪرڻ تي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. مليل ڄاڻ موجب سال 2025-26ع جي تعليمي سال لاءِ ڪتابن جي ڇپائي، بائنڊنگ ۽ فراهمي ۾ ٿيل مالي بي ضابطگين، اختيارن جي ناجائز استعمال، سيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي من پسند پبلشرن کي ٺيڪا ڏيڻ ۽ ورجايل حڪم بغير ٽينڊر جي جاري ڪرڻ سميت بورڊ اندر اربين روپين جي ڪرپشن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

جاچ دوران انڪشاف ڪيو ويو آهي ته چيئرمين پرويز احمد پاران اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ ڪرپشن سبب هزارين ٻار مفت ڪتابن کان محروم ٿيا، جيڪو عمل آرٽيڪل اي 25 جي ڀڃڪڙي آهي. اينٽي ڪرپشن طرفان چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪندي 2025-26ع جي خريداري جو مڪمل رڪارڊ مهيا ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. خط ۾ نوٽيس انوائيٽنگ ٽينڊر، بڊ ڊاڪيومينٽ، ايوليوايشن رپورٽون ۽ سڀني ورڪ آرڊرن جا تفصيل گهريا ويا آهن، ان کانسواءِ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن لاءِ ڇپرايل ڪتابن بابت پڻ معلومات طلب ڪئي وئي آهي، جيڪي پڻ بغير ٽينڊر جي ڇپرايا ويا.

نوٽيس مطابق اينٽي ڪرپشن پبلشرن طرفان جمع ڪرايل بڊ سيڪيورٽي ڊپازٽس ۽ لاڳاپيل بينڪ اسٽيٽمينٽس پڻ طلب ڪيا آهن. نوٽيس ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته هر رقم جي جمع ٿيڻ جي تاريخ، اڪائونٽ نمبر ۽ بئنڪ جو نالو بيان ڪيو وڃي، جڏهن ته پبلشرن کان حاصل ڪيل مارڪيٽ رائلٽي، ڊليوري چالان ۽ ڊسپيچ نوٽس پڻ گهريا ويا  آهن، جيڪي ٽي اِي اوز ۽ ڊي اِي اوز  کان صحيح ٿيل هجن. اينٽي ڪرپشن طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي ڪتاب وار تفصيل ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي ته ڪهڙي تعلقي کي ڪهڙا ۽ ڪيترا ڪتاب فراهم ڪيا ويا، ان کانسواءِ خريداري ڪميٽي جي نوٽيفڪيشن، ميمبرن جا نالا ۽ گڏجاڻين جا وقت به طلب ڪيا ويا آهن.

اينٽي ڪرپشن ادارو ثبوت طور تي ڪميٽي جي موقعي تي دوري جون تصويرون ۽ موجودگي جا ثبوت پڻ گهري رهيو آهي. جاچ ۾ پبلشر وار ادائگين جو تفصيلي رڪارڊ ۽ لاڳاپيل بينڪ اسٽيٽمينٽس پڻ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. نوٽيس ۾ چيئرمين کي چيو ويو آهي ته سڀئي دستاويز تصديق ٿيل صورت ۾ پيش ڪيا وڃن ته جيئن ڪو جعلي ڊيٽا جمع نه ٿئي.  نوٽيس ۾ چتاءُ ڏنو ويو آهي ته رڪارڊ جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ چيئرمين ۽ لاڳاپيل آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي، فنڊن جي جاچ ۽ اڪائونٽن جي فريزنگ ٿي سگهي ٿي، ادارو خريداري ڪميٽي جي ميمبرن، پبلشرن ۽ سيف جي آفيسرن جا بيان قلمبند ڪرڻ جو پڻ ارادو رکي ٿو.

ان سلسلي ۾ بار بار رابطو ڪرڻ باوجود سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين پرويز احمد ڪال اٽينڊ نه ڪئي، جڏهن ته سيڪريٽري نصرت پروين سهتو ۽ ترجمان خالد آزاد اهڙي معاملي جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن طرفان ڪا به جاچ شروع نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي اسان کي اينٽي ڪرپشن طرفان ان معاملي جو ڪو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔