ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي وهڪرن ۾ گهٽتائي، ڪچي جا علائقا اڃان تائين پاڻي هيٺ، وبائي بيماريون پکڙجڻ لڳيون
حيدرآباد: سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي آمد ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڻي جي وهڪرن ۾ 25 هزار ڪيوسڪ جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ پاڻي جو وهڪرو گهٽ ٿي 3 لک 87 هزار ڪيوسڪ تي اچي ويو.
اختيارين ٻڌايو آهي ته ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي ۾ گهٽتائي جي باوجود وچولي ٻوڏ جي صورتحال برقرار آهي. ضلعي ڄامشورو ۾ ڪوٽڙي بيراج سان لاڳاپيل ڪچي جي علائقن ۾ ٻوڏ جي پاڻي ڪيترن ئي ڳوٺن کي پنهنجي ليٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. مسلسل ٻوڏ جو پاڻي جمع ٿيڻ سبب مختلف وبائي مرض پکڙجڻ لڳا آهن
ٻئي طرف ملتان جي تعلقي جلالپور جي نوراجه بهٽه بند جي تعمير ۽ مرمت مڪمل ڪئي وئي آهي. ٻوڏ سبب بند ۾ پيل هڪ هزار 250 فٽ ڊگهي گهاري کي ڀريو ويو آهي. پنجاب حڪومت جي ترجمان موجب نوراجه بهٽه بند کي 3 هزار 450 فٽ تائين مضبوط حفاظتي بند ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
موٽر وي سائيڊ تي حافظ والا ۾ 23 هزار فٽ ڊسٽري بيوٽري ٽريڪ ۽ چوٿين واهه تي پوندڙ 283 فٽ گهاري جي تعمير ۽ مرمت به مڪمل ڪئي وئي آهي. وزيراعليٰ مريم نواز آبپاشي واري وزير ۽ سموري ٽيم کي شاباش ڏني.
نارووال جي تعلقي شڪر ڳڙهه ۾ راوي درياءَ ۾ ٻوڏ جي وهڪري کي هڪ مهينو گذري چڪو آهي پر ٻن درجن کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ زندگي معمول تي ناهي اچي سگهي. هوڏانهن ٻوڏ سبب متاثر ايم 5 موٽر وي 17هين ڏينهن به بند آهي. اختيارين موجب موٽر وي جي بحالي چوڌاري پاڻي جي گهٽ ٿيڻ کان پوءِ ئي ممڪن آهي.