ايسٽيم گلوبل اِميج اِيوارڊز مڊل ايسٽ ۾ قيادت ۽ جدّت جي شاندار ڪارڪردگيءَ جو جشن

پاڪستان جي ڊاڪٽر شهباز علي ملڪ ۽ گورنر سنڌ جي صاحبزادي زيد ٽيسوري کي اِيوارڊز سان نوازيو ويو

دبئي: ايسٽيم گلوبل اِميج اِيوارڊز مڊل ايسٽ، جيڪو محترما شيخہ سلامه طحنون النهيان جي آفيس جي سرپرستي ۾ 29 آگسٽ 2025 تي شيخ زايد روڊ دبئي جي ميٽروپوليٽن هوٽل ۾ ڪاميابيءَ سان منعقد ٿيو۔ هي ايونٽ TCN Executive Forum طرفان ڪرايو ويو۔

هي تقريب انهن نمايان شخصيتن ۽ ادارن کي اعزاز ڏيڻ لاءِ ڪئي وئي، جن پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔

دنيا جي مختلف شعبن مان 600 کان وڌيڪ درخواستون مليون، جن کي ماهر ججز ۽ بورڊ ميمبرن جانچڻ کان پوءِ 50 کان وڌيڪ بهترين خوش نصيبن جي چونڊ ڪئي۔

اعزاز ماڻيندڙن جو تعلق آمريڪا، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، پاڪستان، ڪينيڊا، قطر، عمان ۽ مصر جهڙن ملڪن سان هو، جن کي انهن جي قائدانه صلاحيتن، جدّت ۽ شاندار ڪارڪردگيءَ تي ساراهيو ويو۔

اهم اِيوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ جيڪي شامل هئا تن ۾ مسٽر روم ٿامس (آمريڪا)، ڊاڪٽر شهباز علي ملڪ، چيئرمين، پاپولر گروپ آف انڊسٽريز، زيد ٽيسوري، نوجوان اِنفلوئنسر ۽ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جو فرزند (پاڪستان)، ڊاڪٽر مايا ڪريم (مصر)، احمد الفرفان، ورلڊ ٽريڊ سينٽر (گڏيل عرب امارات)، بلال ايم زبير، سي اي او، الرعي گروپ (سعودي عرب) ۽ ٻيا عالمي سطح جا چيمپيئن، جيڪي سڄي دنيا ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جو سبب بڻيا۔

تقريب ۾ تنورا ڊانس پيش ڪيو ويو، جيڪو گڏيل عرب امارات جي ثقافت ۽ ورثي جي نمائندگي ڪندو آهي، جنهن هن شام کي ثقافتي حسن سان سينگاريو۔

مسٽر احمد، GIA ڪائونسل جي رڪن ۽ تقريب جي ميزبان، هن موقعي تي چيو ته:
"اسان پنهنجن فاتحين جي ڪاميابين جو جشن ملهائيندي خوشي محسوس ڪريون ٿا ۽ انهن جي شاندار ڪارڪردگيءَ کي ساراهيون ٿا۔”

تقريب ۾ جيڪي اهم شخصيتون شريڪ ٿيون، تن ۾ هز هائنس يعقوب العلي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ پرائيويٽ ايڊوائيزر براءِ شيخ جمعه بن مڪتوم آل مڪتوم ، هز هائنس ليلا رحال الفطاني، گڊ وِل ايمبئسيڊر، رائل هائوس آف شيبا، ڪراؤن سينٽر، دبئي، علي زيب خان، ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڪائونسلر، قونصل خانو پاڪستان، دبئي، ويلنٽن اِستو، هيڊ آف ڪمرشل اينڊ اِڪانامڪ سيڪشن، قونصل خانو بلغاريا ۽ ڪيتريون  ئي اماراتي ۽ آمريڪي ڪاروباري شخصيتون شامل هيون۔

تقريب ۾ مختلف ملڪن مان معزز مهمانن، امارات جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن، صنعت جي اڳواڻن ۽ فاتحين شرڪت ڪئي ۽ ان کي هڪ شاندار ڪامياب ايونٽ قرار ڏنو۔

ايسٽيم گلوبل اِميج اِيوارڊز مڊل ايسٽ، ايندڙ وقت ۾ به عالمي سطح تي باصلاحيت ۽ بااثر شخصيتن ۽ ادارن کي انهن جي خدمتن تي ساراهڻ جو سلسلو جاري رکندو۔

هي اِيوارڊز انهن شخصيتن ۽ ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪن ٿا، جن پنهنجن شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو ۽ عمدگي، جدّت ۽ قيادت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔