آمريڪي قونصل جنرل چارلس گُڊمَن پاران جسماني ڳراوٽ جي بيماري جي جديد علاج، اينڊوسڪوپڪ سليو گيسٽروپلاسٽي جو آغاز

ڪراچي : آمريڪي قونصل جنرل چارلس گُڊمَن ڪراچي جي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانسڊ گيسٽرو اينٽيرالاجي ۾ اينڊوسڪوپڪ سليو گيسٽروپلاسٽي جي جديد علاج جو آغاز ڪيو۔ هي علاج بوسٽن سائنٽفڪ تيار ڪيو آهي، جيڪا آمريڪا جي صفِ اول جي عالمي هيلٿ ڪيئر ڪمپنين ۾ شمار ٿئي ٿي۔ نسبتاً آرامده، هي علاج ٿولهه کان متاثر مريضن لاءِ نئين اميد جو سبب آهي۔

سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانسڊ گيسٽرو اينٽيرالاجي جي ڀائيواري سان متعارف ڪرايل هي علاج پاڪستان جي صحت واري شعبي ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، جيڪو جديد ٽيڪنالاجيءَ وسيلي وڏي عوامي صحت جي مسئلي، يعني ٿولهه ۽ ان سان سلھاڙيل بيمارين، کان نجات ڏياري ٿي۔

هن تقريب ۾ جديد ۽ بي مثال آمريڪي طبي تخليق کي نمايان ڪيو ويو، جنهن سان آمريڪا جي عالمي صحت جي بهتري ۽ پاڪستان سان ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي تقويت ملي ٿي۔ قونصل جنرل گُڊمَن آمريڪي ڪمپنين جي قائدانه صلاحيتن کي ساراهيو، جيڪي ٿولهه ۽ ان سان جُڙيل بيمارين جهڙن عوامي صحت جي وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ اڳڀرا آهن۔ هن چيو: "اينڊوسڪوپڪ سليو گيسٽروپلاسٽي جو آغاز ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته آمريڪي نئين پيش رفت دنيا ڀر ۾ علاج جي تفتيش ۽ نتيجن کي ڪيئن بهتر بڻائي رهي آهي۔ بوسٽن سائنٽفڪ ۽ سئيگ جو هي تعاون آمريڪا ۽ پاڪستان جي مضبوط ڀائيواري کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو ٿولهه، ذيابطيس ۽ دل جي بيماري جي علاج لاءِ جديد طبي ٽيڪنالاجي فراهم ڪري ٿو۔ اسين گڏجي سنڌ سميت پاڪستان جي عوام لاءِ زندگي بدلائڻ وارين علاج جي طريقن تائين رسائي کي ممڪن بڻائي رهيا آهيون۔”

آمريڪي مهارت ۽ جدت عالمي سطح تي اهم مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ زندگيون بدلائيندڙ ڀائيواريءَ وسيلي باهمي سلامتي، تحفظ ۽ خوشحالي کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي۔

پاڪستان ۾ 65 کان وڌيڪ آمريڪي ڪمپنيون، جن ۾ ڪيترا ئي فارچون 500 ۽ بليو چپ ادارا شامل آهن، پنهنجي ڊگهي عرصي واري موجودگيءَ سان ڏهاڪن کان هتي ڪم ڪري رهيا آهن۔ بوسٽن سائنٽفڪ ۽ سئيگ جي وچ ۾ هي تعاون انهيءَ روايت کي وڌيڪ مستحڪم ڪري ٿو، جيڪو عام ماڻهوءَ جي پهچ ۽ اعليٰ معيار جي صحت جي سار سنڀال لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جي مشترڪ هَدَف تائين رسائي کي اڳڀرو ڪريٿو ۽ طبي جدت ۽ عوامي صحت ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ ويجهو ڪرڻ مدد ڏيٿو۔

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔