پي سي بي جو ڪرڪيٽرن جي تعليمي خرچا برداشت ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪرڪيٽ سان گڏ تعليمي خرچ برداشت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، پي سي بي انڊر 15 کان انڊر 19 تائين جي ٻارن کي ڪرڪيٽ سان گڏ تعليم فراهم ڪندو. ٻارن کي سڄو سال اڪيڊمين ۾ رکيو ويندو ۽ ڪرڪيٽ بورڊ تعليمي خرچ به برداشت ڪندو.ٻار سيالڪوٽ، فيصل آباد، ملتان ۽ ڪراچي جي اڪيڊمين ۾ تعليم ۽ ڪرڪيٽ سکندا. سيالڪوٽ اڪيڊمي سڄو سال انڊر 15 ٻارن لاءِ مخصوص هوندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته فيصل آباد انڊر 17 ۽ ملتان اڪيڊمي انڊر 19 ٻارن لاءِ هوندي. ٽنهي اڪيڊمين لاءِ ٻارن کي انهن جي علائقائي ڪرڪيٽ ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊيو ويندو.ٽنهي اڪيڊمين ۾ ڪرڪيٽ جي تربيت سان گڏ، بورڊ ٻارن جي تعليمي خرچن کي به برداشت ڪندو. پي سي بي سڀني ٻارن جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخلا سميت سڀئي خرچ برداشت ڪندو.ذريعن موجب، ڪراچي اڪيڊمي کي شاهين ۽ اي ٽيمن جي سرگرمين لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي عورت ڪرڪيٽر به شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔