اسلام آباد: ملڪ جي صارفين لاءِ بجلي سستي ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب، نيپرا اٿارٽي سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي صارفين لاءِ بجلي 1.69 رپيا سستي ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب، نيپرا ڊيٽا جو جائزو وٺندي نوٽيفڪيشن جي صورت ۾ فيصلو جاري ڪندي ۽ قيمت ۾ گهٽتائي ملڪ جي صارفين تي لاڳو ٿيندي، جنهن ۾ ڪي-اليڪٽرڪ به شامل آهي.ذريعن وڌيڪ چيو ته قيمت ۾ گهٽتائي تي عمل ڪرڻ سان سيپٽمبر جي بلن تي 23 ارب رپين تائين جو رليف ملندو.