ڪي پي ڪي، سون جي ٺيڪن ۾کربين روپين جون بي ضابطگيون

پشاور: خيبر پختونخوا ۾ پلاسَر گولڊ جي نيلامي ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي. تفصيل موجب، نيب درياءِ سنڌ ۽ درياءِ ڪابل جي ڪنارن تي سون جا بلاڪ نيلام ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ قيمت تي شديد تحفظات جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته نيلامي سبب صوبي کي کربين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. نيب مطابق، سون جي بلاڪن جي ريزرو پرائس ڄاڻي واڻي گهٽ مقرر ڪئي وئي ۽ نيشنل سينٽر آف ايڪسي لينس ان جيالاجي (NCEG) پشاور جي 2015 واري اسٽڊي کي نظرانداز ڪيو ويو، جنهن ۾ في ٽن 0.21 کان 44.15 گرام تائين سون جي ذخيري جي نشاندهي ڪئي وئي هئي، جڏهن ته کاتي ڪي پي آڪشن رولز 2022 تي عمل ڪرڻ بجاءِ مخصوص ٻولي ڏيندڙن کي فائدو ڏيڻ لاءِ مداخلت ڪئي. نيب، سون جي تلاش دوران آپريشنز ۾ پڻ لاتعداد بي ضابطگيون ظاهر ڪيون آهن.صوبائي حڪومت جي سرڪاري دستاويزن مطابق، نيب جو موقف آهي ته لِيز هولڊرز کُلي عام سب-ليٽنگ ڪري رهيا آهن ۽ في ايڪسڪيويٽر هفتي وار 5 کان 7 لک رپيا وصول ڪري رهيا آهن. انهن جي هفتيوار آمدني جو اندازو 75 ڪروڙ کان هڪ ارب تائين آهي، جيڪو کربين رپين ۾ بڻجي ٿو، جڏهن ته حڪومت کي رڳو معمولي رقم ملي رهي آهي. وزيراعليٰ خيبر پختونخوا علي امين گنڊاپور جنگ کي ٻڌايو ته سندن حڪومت پلاسَر گولڊ جا بلاڪ ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ قيمت تي نيلام ڪيا آهن، ان کان اڳ هڪ بلاڪ جي قيمت 65 ڪروڙ رپيا تائين هئي، جڏهن ته سندن حڪومت گهٽ ۾ گهٽ قيمت هڪ ارب ڏهه ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي ۽ چارئي بلاڪ لڳ ڀڳ 4.6 ارب رپين ۾ ڏهه سالن لاءِ وڪرو ٿيا. وزيراعليٰ ڪي پي موجب، گذريل 20 سالن کان ڪا نيلامي نه ٿي هئي ۽ ماڻهو غير قانوني طريقي سان سون ڪڍي رهيا هئا. هن منصوبي لاءِ ٻه کان ٽي ڀيرا اشتهار ڏنو ويو پر بوليون گهٽ مليون، اسان جي حڪومت وڌيڪ اگهه تي ان کي نيلام ڪيو. هن سوال اٿاريو ته 2023 ۾ شروع ٿيل اسٽڊي ڇو روڪي وئي ۽ ڪنهن روڪيو؟ هن چيو ته جڏهن نيلامي ٿي ته نيب کي خط پڻ لکيو ويو ۽ ان جو هڪ آفيسر به موجود هو، سڀ قانوني تقاضائون پوريون ڪيون ويون، جڏهن ته غير قانوني مائيننگ روڪڻ لاءِ ڪارروائيون جاري آهن. نيب جي انڪوائري ۾ ٻڌايو ويو ته NCEG پشاور جي 2015 واري مطالعي کي نظرانداز ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔