اسلام آباد: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب پهچي ويو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، اسحاق ڊار جو پاڪستاني سفير احمد فاروق ۽ قونصل جنرل خالد مجيد، ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ جدہ تي استقبال ڪيو. هن چيو ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس اڄ او آءِ سي سيڪريٽريٽ جدہ ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ميمبر ملڪن جا نمائندا فلسطين جي سنگين ڏڪاريل صورتحال تي غور ڪندا. ترجمان جو چوڻ هو ته اسرائيلي فوجي جارحيت ۽ غزه تي مڪمل ڪنٽرول جي منصوبي تي اجلاس ۾ مشاورت ڪئي ويندي. انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته او آءِ سي اجلاس، فلسطيني عوام جي حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي گڏيل جواب تي غور ڪندو.