سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 هزار 85 ماڻهو فوت

ڪراچي/نيويارڪ :سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 هزار 85 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ لک 54 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي فوتگين جو انگ 5 لک 164 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو مجموعي تعداد هڪ ڪروڙ 52 هزار کان به وڌيڪ آهي. ميڪسيڪو ۾ڪورونا وائرس 719 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتگين جو انگ 25 هزار 779 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 لک 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بيمار آهن. ڪورونا وائرس وگهي برازيل ۾وڌڪ 961 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 57 هزار 70 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 13 لک 13 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. آمريڪا ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 449 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتگين جو انگ هڪ لک 28 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو تعداد 25 لک 89 هزار کان وڌيڪ آهي. ڀارت ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 414 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 لک 29 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. اٽلي ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 8 ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ 34 هزار 716 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 لک 40 هزارکان وڌيڪ ماڻهو بيماري ۾ورتل آهن. ڪورونا وائرس ايران ۾125، ڪئنيڊا ۾8، روس ۾188 ، بنگلاديش 34 ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ماڻهن کان حاتيون کسي ورتيون آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا مريضن جي فوتگين بعد فوتين جو انگ 5 لک 164 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 54 لک 26 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔