نادرا وراثت نامي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ آسان بڻائي ڇڏيو، 186 مرڪزن تي سهولت موجود

ڪراچي: نادرا (نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي) پاڪستاني شهرين لاءِ وراثت نامي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جو عمل وڌيڪ آسان ۽ مرڪزي بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت هاڻ ملڪ جي ڪنهن به 186 سهولت مرڪز تي وراثت نامي جون درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون، چاهي جائيداد ڪٿي به هجي.

نادرا موجب، اڳ ۾ وراثي نامي جو سرٽيفڪيٽ لاءِ صرف ان صوبي جي نادرا جي مرڪز تي درخواست جمع ٿي سگهندي هئي، جتي جائيداد موجود هوندي هئي، پر نئين پاليسي تحت هاڻ پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ موجود نادرا مرڪز تي درخواست ڏئي سگهجي ٿي.

هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته نادرا جا 186 سهولت مرڪز ملڪ جي اسلام آباد، سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان سميت هر حصي ۾ قائم آهن، ۽ هاڻ اهي سڀ مرڪز هر صوبي جي ماڻهن کان جانشيني درخواستون وصول ڪندا.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته قانوني وارث پنهنجي بايو ميٽرڪ تصديق نادرا جي ڪنهن به مرڪز تي ڪرائي سگهن ٿا، پاڪ آءِ ڊي موبائيل ايپ ذريعي به بايو ميٽرڪ جي سهولت اڳ ئي موجود آهي.

نادرا هيڊڪوارٽرز طرفان نون قاعدن بابت سڀني لاڳاپيل مرڪزن کي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ته جيئن نئين نظام تي مڪمل عملدرآمد ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔