لاهور: لاهور ۾ مختلف هنڌن تي تحريڪ انصاف جي سڏ تي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ريليون ڪڍيون جڏهن ته پوليس ريحانه ڊار ۽ اپوزيشن جي 9 پنجاب اسيمبلي ميمبرن کي گرفتار ڪيو جنهن کان پوءِ انهن کي آزاد ڪيو ويو.
لاهور جي علائقي ڊي ايڇ اي رهبر ۾ پي ٽي آءِ ريلي ڪڍي، پارٽي ذريعن موجب ريلي ۾ شريڪ ڊپٽي اپوزيشن اڳواڻ پنجاب اسيمبلي معين قريشي، اسيمبلي ميمبرن فرخ مون، خواجه صلاح الدين، شعيب امير، امان الله خان ۽ اقبال خٽڪ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو پر بعد ۾ کين آزاد ڪيو ويو.
آزاد ٿيڻ کان پوءِ پنجاب اسيمبلي ۾ صحافين سان ڳالهين دوران معين قريشي چيو ته فارم 47 جي حڪومت والاريل ڪشمير کان وڌيڪ فسطانيت جي راند کيڏي پوليس اسان جي گاڏين تي ڏنڊا وسايا، شيشا ٽوڙيا ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي حراسان ڪيو انهن جا ڪپڙا به ڦاريا ويا.
ٻئي طرف ايوان عدل جي ٻاهران وڪيلن ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن ريلي ڪڍي، پوليس تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ريحانه ڊار ۽ ٻين عورت وڪيلن کي گرفتار ڪري ورتو پر بعد ۾ انهن کي به آزاد ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز الاهي جي هدايت تي پي ٽي آءِ باني جي آزادي ۽ يوم استحصال ڪشمير تي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي قيادت انهي جي ڀيڻ ثميره الاهي ڪئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت بسرا جي قيادت ۾ به ريلي ڪڍي وئي جيڪا مين بليوارڊ پهچي ختم ٿي وئي.
پوليس تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن خلاف 4 ڪيس داخل ڪري 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي نامزد ڪري ڇڏيو. ڪيسز روڊ بلاڪ ڪرڻ پوليس سان مزاحمت سميت ٻين قلمن جي تحت داخل ڪيا ويا. پوليس اختيارين موجب پي ٽي آءِ جي 300 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو پر شورٽي بانڊز ڏيندڙن کي آزاد ڪيو پيو وڃي.