پاڪستان جديد ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ خلا ۾ اُماڻي ڇڏيو

اسلام آباد : پاڪستان جديد ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ کي ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيو.
هيءَ ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ايٽماسفير ريسرچ ڪميشن (سپارڪو) طرفان چين جي زيچانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان خلا ۾ اُماڻي وئي آهي.
اي پي پي جي رپورٽ موجب، سيٽلائيٽ لانچ جي موقعي تي رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، سپارڪو جا ماهر ۽ سائنسدان پڻ موجود هئا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي اِها سيٽلائيٽ پاڪستان جي ”خلائي ويزن 2047“ جي تحت خلا ۾ موڪلي وئي آهي.
اي پي پي موجب، جديد ترين اِميجنگ سسٽم سان ليس سيٽلائيٽ زراعت، شهري رٿابندي کان وٺي ماحولياتي نگراني ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ تائين مختلف منصوبن ۾ مدد فراهم ڪندي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

اِميجنگ سيٽلائيٽ قومي ترقياتي منصوبن، خاص طور تي چين- پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت بنيادي ڍانچي جي رٿابندي ۽ جغرافيائي نقشي سازي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو.
ان کانسواءِ، هي سيٽلائيٽ ٻوڏ، زلزلي، لينڊ سلائيڊنگ، گليشيئرن جي ڳرڻ ۽ وڻن جي واڍي جي اثرن جي اڳڪٿي ۽ گهٽائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔