جديد هيلي ڪاپٽرن جي شموليت،سول-فوجي هم آهنگي جي اهميت تي زور

راولپنڊي : چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير قومي خودمختياري ۽ جاگرافيائي سلامتي جي تحفظ لاءِ پاڪ فوج جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته قومي يڪجهتي، سول ملٽري هم آهنگي ۽ هاءِ بريڊ خطرن جي مقابلي ۽ معاشرتي هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لاءِ قومي سطح جي شراڪتداري جي ضرورت آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پڌرائي مطابق فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ملتان گيريزن جو دورو ڪيو، کيس ڪور هيڊ ڪوارٽرز ۾ فارميشن جي آپريشنل تيارين ۽ جاري تربيتي سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اعليٰ معيار جي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي فيلڊ مارشل قومي خودمختياري ۽ جاگرافيائي سلامتي جي تحفظ لاءِ پاڪ فوج جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو، جنهن کان پوءِ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تعليمي ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سان تعارفي ويهڪ ۾ شرڪت ڪئي جتي کيس قومي يڪجهتي، سول ملٽري هم اهنگي ۽ هاءِ بريڊ خطرن جي مقابلي ۽ معاشرتي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قومي سطح جي شراڪت جي اهميت تي زور ڀريو. دوري دوران چيف آف آرمي اسٽاف پاڪ فوج جي فضائي شعبي ۾ جديد زيد-10 ايم اي هيليڪاپٽر جي شامل ٿيڻ واري تقريب جي صدارت به ڪئي. اهو جديد ترين هيليڪاپٽر رات ۽ ڏينهن ۾ صحيح طريقي سان حملي جي صلاحيت رکي ٿو، جديد ريڊار سسٽمز ۽ جديد ترين اليڪٽرانڪ وار فيئر سوهٽس سان ليس اهو هيليڪاپٽر پاڪ فوج جي فضائي ۽ زميني خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي نمايان طور وڌائي ٿو. بعد ۾ چيف آف آرمي اسٽاف مظفر ڳڙهه فيلڊ فائرنگ رينجز ۾ نون شامل ڪيل زيڊ-10 ايم اي هيليڪاپٽرن جي فائر پاور جو عملي مظاهرو به ڏٺو، ان جديد نظام جي شامل ٿيڻ سان پاڪ فوج جي فضائي شعبي جي جديديت ڏانهن هڪ اهم سنگ ميل آهي، جيڪو ميدان جنگ ۾ اثرائتي رد عمل ۽ دشمن تي فيصلائتي برتري قائم ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ مستحڪم ڪري ٿو. جوانن سان ڳالهائيندي آرمي چيف انهن جي بلند حوصلي، پيشيواراڻي مهارت ۽ جنگي تيارين کي ساراهيو. هن گڏيل عسڪري حڪمت عملي جي ڪامياب مظاهري کي ساراهيندي چيو ته اهو پاڪ فوج جي ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته هو تبديل ٿيندڙ جنگي نوعيت ۾ فيصلائتي برتري برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي. ان کان اڳ ملتان گيريزن آميد تي ڪور ڪمانڊر ملتان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو شاندار آجيان ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔