فيصل آباد 9 مئي ڪيسن ۾ عمر ايوب،زرتاج،شبلي سميت ٻين کي 10 سال سزا

فيصل آباد : فيصل آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ٻن ڪيسن ۾ عمر ايوب ۽ شبلي فراز سميت 108 جوابدارن کي سزا ٻڌائي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ٻن ڪيسن ۾ سزا ٻڌائي، هن موقعي تي عدالت جي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي 108 جوابدارن کي سزا ٻڌائي، عدالت حساس اداري تي حملي ۾ 185 جوابدارن مان 108 کي سزا ٻڌائي جڏهن ته ٻين کي آزاد ڪيو ويو.عدالت عمر ايوب، شبلي فراز ۽ زرتاج گل کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي. قومي اسيمبلي جي ميمبر صاحبزاده حامد رضا کي به 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔