آسٽريليا ويسٽ انڊيز کي هوم گرائونڊ تي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪري ڇڏيو

بيسٽر:  ويسٽ انڊيز کي آسٽريليا جي هٿان هوم ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڪلين سوئپ کي منهن ڏيڻو پيو. آسٽريليا پنجين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز 0-5 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم 20هين اوور ۾ 170 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ميچ ۾ شمرون بٽمائر 52، شرفين ردر فوڊز 35 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا ويسٽ انڊيز جو حدف 17 اوورز ۾ 7 وڪيٽن تي پورو ڪري ڇڏيو، آسٽريليا جي اننگز ۾ ڪيمرون گرين 32 ۽ ميچل اوون 37 رنسن سان نمايان رهيا. انهي کان علاوه ايران بارڊي 28 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي عقيل حسين 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔