شوگرملز مالڪان ۽ ڊيلرز جي وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار، مارڪيٽ مان کنڊ غائب

لاهور: شوگرملز، بروڪرز، هول سيل ڊيلرز ۽ ڪريانه مرچنٽس ۾ اڃان تائين کنڊ جي هول سيل ۽ پرچون تي وڪرو ڪرڻ جو مڪينزم ناهي بڻجي سگهيو جنهن سبب جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد جڏهن ته لاهور ۾ کنڊ ناياب ٿي وئي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ڪالهه ٿيندڙ ملاقاتون به عملي طور تي بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويون.

گذريل 13 ڏينهن کان کنڊ جي هول سيل سپلاءِ بند آهي جنهن سبب ڪريانه اسٽور اسٽاڪ ختم ٿي ويو جن وٽ کنڊ رهجي وئي آهي اهي اندرون شهر 210 روپيه ڪلو ۽ ڏوراهين علائقن ۾ 220 روپيه ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن.

ڪريانه مرچنٽس اعلان ڪيو آهي ته اسان کي 165 روپيه ڪلو هول سيل کنڊ فراهم ڪئي وڃي ته اسان 173 روپيه ڪلو تي وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

ٻئي طرف انتظاميه گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مهانگي کنڊ وڪرو ڪرڻ ۽ ذخيرو ڪرڻ تي 127 دڪاندارن جا چالان ڪيا جڏهن ته 7 دڪاندارن کي گرفتار ڪري گڏيل طور تي 2 لک 29 هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، 4 دڪان به سيل ڪيا ويا.

لاهور ۾ پهريان ننڍي وڏي ڊپارٽمينٽ اسٽورز ۽ هاڻ گهٽين، پاڙن ۾ واقع ڪريانه جي دڪانن تان به کنڊ غائب ٿي وئي آهي. ملز مالڪان پرچون ڪنهن به جڳهه تي سرڪاري قيمت تي کنڊ موجود نه آهي. دڪاندارن جو چوڻ آهي ته جڏهن کان حڪومت سرڪاري ريٽ مقرر ڪيو آهي. کنڊ شهر مان غائب ٿي وئي آهي. حڪومت جيڪڏهن ملز مالڪان تي ڪنٽرول ڪري ورتو ته کنڊ سرڪاري ريٽ تي عوام کي دستياب ٿي سگهي ٿي. شهرين جو چوڻ آهي ته کنڊ شهر مان غائب ٿي وئي، حڪومت رٽ ڪٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔