اسلام آباد: ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.
جنهن ۾ وزيراعظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي يقين ڏياريو آهي، ته حڪومت ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڪيس ۾ هر ممڪن قانوني مدد فراهم ڪندي رهندي.
هن معاملي وزيراعظم نه رڳو اڳوڻي آمريڪي صدر جوبائيڊن کي خط لکيو آهي، پر وزيراعظم هن ڪيس ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ڪرڻ لاءِ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جي صدارت ۾ هڪ ڪميٽي به پڻ جوڙي وئي آهي.
ان معاملي ۾ ڪميٽي ڊاڪٽر فوزيه صديقي سان رابطي ۾ رهندي ۽ گهربل هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي.
ياد رهي ته حڪومت اڳ ۾ وزيراعظم جي هدايتن تي ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڪيس ۾ سفارتي ۽ قانوني مدد فراهم ڪري چڪي آهي.