ڪراچي ۾ هلڪي برسات جو امڪان

ڪراچي : ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران جزوي طور تي ڪڪر رهڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.موسميات کاتي چيو ته شهر جي هوا ۾ نمي 75 سيڪڙو آهي.موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون 5 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.موسميات کاتي اهو به چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28.8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.چيف ميٽرولوجسٽ امير حيدر چيو ته خليج بنگال ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ آهي، گهٽ هوا جو دٻاءُ 28 جولاءِ تائين ملڪ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته سسٽم جا اثر سنڌ ۾ محدود نظر اچي رهيا آهن، هن سسٽم جي ڪري مٿئين ۽ اوڀر سنڌ ۾ ڪجهه مينهن پئجي سگهي ٿو.چيف ميٽرولوجسٽ امير حيدر اهو به چيو ته آگسٽ جي شروعاتي ڏينهن ۾ به ڪو به مون سون سسٽم سنڌ تي اثر انداز نه ٿيندو نظر اچي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔