آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو 18 سيپٽمبر تي پاڪستان جي دوري جو امڪان

اسلام آباد:   آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  جو 18 سيپٽمبر تي ڀارت ۾ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي موقعي تي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب آمريڪي صدر ٽرمپ جي پاڪستان جي دوري کي نظر ۾ رکندي سموريون تياريون شروع ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جو 18 سيپٽمبر تي ڀارت ۾ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڪجهه ڪلاڪن جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان سفارتي اختيارين کي به آگاهه ڪيو ويو آهي. آمريڪي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف سميت اهم شخصيتن سان ملاقاتون به ڪندو.

ياد رهي ته انهي کان اڳ آمريڪا جي اڳوڻي صدر جارج ڊبليو بش مارچ 2006 ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو. جڏهن ته صدر ڪلنٽن، صدر نڪسن ۽ صدر جانسن به پاڪستان جو دورو ڪري چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔