بنون: خيبرپختونخواهه صوبي جي ضلعي بنون ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڊيره اسماعيل خان ۾ خانداني تڪرار تان 2 ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا.
رپورٽ موجب اربع جي رات بنون پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) جي گڏيل ڪارروائي ۾ 3 گهربل دهشتگرد مارجي ويا. بنون ريجن پوليس جي ترجمان خانزاله قريشي ٻڌايو ته ضرار گروپ سان تعلق رکندڙ 3 دهشتگرد بنون شهر جي ڏوراهين علائقي ۾ گڏيل ڪارروائي دوران مارجي ويا. هن چيو ته اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ گهربل هئا.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهو هڪ ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل (انٽيليجنس بيسڊ) آپريشن هو جيڪو رات دير سان ڪيو ويو. جنهن ۾ ٽئي دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ مدثر عرف مدثريه، تراب عرف عمر خطاب عرف ملنگ ۽ محمد حسين عرف معاذ شامل هئا، ٽنهي جو تعلق بنون ضلعي سان هو.
هن ٻڌايو ته دهشتگردن جي قبضي کان 3 ڪلاشنڪوف، ميگزين، هڪ پستول ۽ هڪ ديسي ساخته بم هٿ آيو آهي. ٻئي طرف ضلع ڊيره اسماعيل خان جي علائقي پنياله ۾ خانداني دشمني سبب وانڊه بيرون(اوبلين) ۾ 2 مخالف ڌرين جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. رپورٽ موجب اهو افسوسناڪ واقعو صبح 5 لڳي 30 منٽن تي انهي وقت پيش آيو جڏهن ته ٻئي ڌريون آمهون سامهون ٿيون، ڌريون پاڻ ۾ ويجها مائٽ آهن ۽ پراڻي خانداني تڪرار سبب اهو جهيڙو ٿيو آهي.
مارجي ويلن جي سڃاڻپ، نقيب الله ولد محمد نواز، شفيع الله ولد مستي خان، نجيب الله ولد امان الله، جلال ولد احمد گل، نويد ولد محمد فريد، ۽ جهانزيب ولد محمد نواز جي نالن سان ٿي آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته فوت ٿي ويلن ۾ 3 ڄڻا اويلين جا رهواسي هئا، لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي پنياله اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پر اڃان تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. مقامي ماڻهن موجب ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ڪافي وقت کان جاري هئي.