ڪراچي ۾ صبح سوير کان هلڪي برسات جو سلسلو شروع، موسم خوشگوار ٿي وئي

ڪراچي: ڪراچي ۾ اڄ صبح سوير کان مختلف هنڌن تي هلڪي برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ شهر جو موسم خوشگوار ٿي ويو آهي.

موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن جي دوران موسم جهڙالو ۽ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. جڏهن ته شهر ۾ اڄ ڪنهن ڪنهن هنڌ تي هلڪي برسات جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي موجب شهر ۾ اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته گهٽ کان گهٽ گرمي پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، هوا ۾ نمي جو تناسب 82 سيڪڙو آهي ۽ شهر ۾ سامونڊي هوائون هلي رهيون آهن.

موسميات کاتي موجب 5 جولاءِ کان سانوڻي جو هڪ ٻيو سسٽم سنڌ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو. ٻئي طرف اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ رات جو کنوڻ سان برسات پئي.

ايم ڊي واسا محمد سليم اشرف چيو آهي ته واسا راولپنڊي هاءِ الرٽ آهي، رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، عملو هيوي مشينري سان فيلڊ ۾ موجود آهي. اسلام آباد ۾ برسات سبب فلائٽ آپريشن متاثر رهيو، اسلام آباد ايئرپورٽ جي 5 اڏامن جي آمد ۽ روانگي ۾ دير ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔