لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا، شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو

لاهور: پنجاب جي راڄڌاني لاهور سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب زلزلي کان پوءِ شهرين ۾ خوف وحراس پکڙجي ويو. شهري ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.

پي ڊي ايم اي کي پنجاب جي سمورن ضلعن کان زلزلي جي باري ۾ شروعاتي رپورٽ به ملي وئي جنهن موجب لاهور سميت پنجاب جي ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

پي ڊي ايم اي پنجاب چيو ته قصور، اوڪاڙه، شيخوپوره مريد ڪي ۽ پنجاب جي ٻين ضلعن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، پنجاب جي انتظاميه عمارتن جي چيڪنگ ۾ مصروف آهي.

ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو آهي ته زلزلي جي آفٽر شاڪس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مشينري ۽ عملي کي الرٽ رکيو ويو آهي، پي ڊي ايم اي جي پراونشل ڪنٽرول روم سميت پنجاب جي ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آپريشن سينٽر 7/24 الرٽ آهن.

پي ڊي ايم اي ترجمان چيو ته زلزلي سبب نقصان جي اطلاع پي ڊي ايم اي جي هيلپ لائين 1129 تي ڏئي سگهي ٿي. زلزلي جي اڳڪٿي ڪندڙ مرڪز موجب لاهور ۾ زلزلي جو مرڪز لاهور کان 25 ڪلو ميٽر پري سائوٿ هو، لاهور ۾ زلزلي جي گهرائي ساڍا 14 ڪلو ميٽر زمين اندر ٻڌائي پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔