اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 5 ججز ٽرانسفر ڪيس جي فيصلي خلاف انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز طرفان وڪيل منير اي ملڪ سپريم ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي ججز ٽرانسفر ڪيس جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ چيو ويو آهي ته عدالت انٽرا ڪورٽ اپيل جي التوا تائين 19 جون جو فيصلو معطل ڪري. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججز بدلي کي صحيح قرار ڏنو هو ۽ 5 ميمبرن جي بينچ سينارٽي جو معاملو صدر پاڪستان ڏانهن اماڻي ڇڏيو هو.سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 19 جون تي ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ محفوظ فيصلو ٻڌائيندي ججز ٽرانسفر جي خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون هيون. سپريم ڪورٽ 2 کان 3 جي اڪثريت بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ۽ 3 ججز جي ٽرانسفر کي آئيني قرار ڏنو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته سرفراز ڊوگر وقتي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي طور تي ڪم جاري رکنداسين.