آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اربام جو حب، بلوچستان ۾ مونڊيليز فيڪٽري جو دورو، پاڪستان ۾ خدمتن جي واکاڻ

ڪراچي: ڪراچي ۾ مقرر آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اربام تازو حب، بلوچستان ۾ قائم پاڪستاني-آمريڪي ڪمپني مونڊيليز جي پلانٽن جو دورو ڪيو. اها ڪمپني، جنهن جو هيڊڪوارٽر ڊيئرفيلڊ، ايليناءِ (آمريڪا) ۾ واقع آهي، ۱۹۹۳ع ۾ پاڪستان ۾ پنهنجو پلانٽ قائم ڪيو هو. ھن وقت،۸۰ کان وڌيڪ آمريڪي ڪمپنيون سڌي ريت ۱,۲۰,۰۰۰ پاڪستانين کي روزگار مهيا ڪري رھيون آھن، جڏهن ته اڻسڌيءَ ريت ڏھ لک کان وڌيڪ پاڪستانين جو روزگار انهن ڪمپنين سان ڳنڍيل آهي، جيڪو ملڪ اندر آمريڪي ڪاروبارن جي مثبت معاشي سرگرمين جو واضح ثبوت آهي.

ھن دوري دوران، قونصل جنرل انهن پلانٽن جو معائنو ڪيو، جتي مونڊيليز چاڪليٽ، کٽمٺڙا ۽ پائوڊرمشروبات تيار ڪري ٿي. پاڪستان ۾ مونڊيليز انٽرنيشنل جا سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ برانڊز ۾ ڪيڊبري ڊيري ملڪ، ٽينگ، ۽ ڪيڊبري ايڪليئرز شامل آهن. ڪمپني ملڪ جي مختلف حصن ۾ ۱۱۰۰ کان وڌيڪ ملازمن کي روزگار فراهم ڪري رهي آهي ۽ حب، بلوچستان ۾ ٻن پيداواري يونٽن سان گڏ سڄي ملڪ ۾ هڪ مربوط تقسيمڪار نظام رکي ٿي.

هي دورو پاڪستان ۾ مونڊيليز جي سماجي ذميوارين ۽ پائيداري لاءِ ڪيل ڪوششن کي اجاگر ڪري ٿو. ۲۰۲۴ع دوران، ڪمپني رمضان المبارڪ ۾ مستحق ٻارن لاءِ افطار جو بندوبست ڪيو، جيڪو ڪميونٽي جي فلاح لاءِ ان جي وابستگي جو واضع مثال آهي. ان کان علاوه، مونڊيليز پاڪستان، شمس پاور سان ڀائيواري ڪندي، پنهنجي ٽينگ پلانٽ کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو، جيڪو صاف ۽ گهٽ خرچ تي توانائي فراهم ڪري ٿو. ڪمپني ۲۰۲۴ع دوران ماءُ جو ڏينھن، عيد ۽ ڏياري جهڙا ثقافتي ڏيھاڙا پڻ ملهايا، جيڪي پاڪستان جي ثقافتن لاءِ سندن احترام کي ظاهر ڪن ٿا.

ان موقعي تي قونصل جنرل چيو: "آمريڪي ڪاروباري ادارن پاڪستان ۾ ڊگهي عرصي کان سيڙپڪاري، روزگار جي فراهمي، مقامي صنعتن جي سگھ وڌائڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. آمريڪا پاڪستان ۾ اقتصادي واڌاري لاءِ نجي شعبي سان ڀائيواري ذريعي گڏجي ڪم جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو پهچندو.”

آمريڪي حڪومت پاڪستان ۾ مختلف آمريڪي ڪمپنين سان گڏجي سيڙپڪاري، ڪاروباري موقعن ۽ نوڪرين جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔