ايران يورپ سان نه اسان سان ڳالهائڻ چاهي ٿو، ڳالهه ٻولهه کان اڳ جنگبندي چاهيون ٿا: ٽرمپ

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران يورپ سان نه اسان سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، ڳالهه ٻولهه ڪنداسين ڏسون ٿا ڇا نتيجو ٿو نڪري، ڳالهين کان اڳ جنگبندي چاهيون ٿا. نيو جرسي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسرائيل ٺيڪ وڃي رهيو آهي ايران گهٽ سٺو وڃي رهيو آهي، رڪجڻ هاڻ گهڻو مشڪل هوندو. ايران بابت تلسي غلط چيو هو ايران ايٽم بم ٺاهڻ  جي ويجهو پهچي چڪو هو، جيڪڏهن آمريڪي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ويا ته ان جا نتيجا سٺا نه نڪرندا،حملو ڪندڙن کي ڏک ٿيندو. هن چيو ته  ايران تي حملي جو فيصلو ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ 2 هفتا لڳي سگهن ٿا، ايران ۾ زميني فوج لاهڻ آخري حل هوندو. هن چيو ته نيٽو کي سالن کان مدد ڪري رهيا آهيون هاڻ انهن کي به پنهنجا خرچ ڪرڻ گهرجن، هن چيو ته مونکي پاڪ ڀارت جنگ روڪڻ، ڪانگو سميت مختلف آفريڪي ملڪن ۾ امن ڪرائڻ تي نوبل پرائز ملڻ گهرجي هتي نوبل پرائز رڳو لبرلس  کي ملندو آهي اهي مونکي نوبل پرائز نه ڏيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔