هاڻي توهان پنهنجي اينڊرائيڊ فون ۾ فوٽو شاپ استعمال ڪري سگهو ٿا

اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙ هاڻي پنهنجي ڊوائيسز تي مشهور فوٽو ايڊٽنگ سروس فوٽو شاپ استعمال ڪري سگهندا.
ايڊوب اعلان ڪيو آهي ته فوٽو شاپ هاڻي گوگل پلي اسٽور تي موجود آهي ۽ بيٽا ورزن ۾ مفت ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو.
هونئن تي فوٽو شاپ 35 سالن کان موجود آهي، پر هاڻي ان جي حقيقي موبائيل ايپ سمارٽ فونز لاءِ متعارف ڪرائي وئي آهي.
فيبروري ۾ آءِ فونز لاءِ ان جو شروعاتي ورزن جاري ٿيو هو ۽ هاڻي اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙن لاءِ به فوٽو شاپ ايپ دستياب ٿي وئي آهي.
موبائيل ايپ ۾ ڪيترائي اصل فوٽو شاپ فيچرز جهڙوڪ ليئرز وغيره شامل آهن،
جڏهن ته هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي (اي آءِ ) تي ٻڌل جنريٽو ٽول پڻ اينڊرائيڊ واهپيدارن کي دستياب هوندو.
ان کانسواءِ واهپيدارن کي ايڊوب اسٽاڪ لائبريري تائين رسائي به ڏني ويندي آهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته ويجهي مستقبل ۾ وڌيڪ فيچرز به هن ايپ ۾ شامل ڪيا ويندا.
واضح رهي ته اڳي اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙن کي فوٽو شاپ لاءِ ڪمپيوٽر جو سهارو وٺڻو پوندو هو، جڏهن ته هاڻي فونز تي وڏي پيماني تي تصويرون ايڊٽ ڪيون وڃن ٿيون، تنهنڪري اڊوب هن سهولت کي موبائيل تائين پهچايو آهي، جيڪا واهپيدارن لاءِ تمام گهڻي لاڀائتي ثابت ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔