اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي متحده عرب امارات جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي وفد سان گڏ اسلام آباد مان متحده عرب امارات لاءِ روانو ٿيو، سندس وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات بابت وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به شامل آهن.
وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب امارات جي صدر ۽ ابو ظهبي جي فرمان روا شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي متحده عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي جتي هو يو اي اي قيادت سان ملاقات پڻ ڪندو.