مورو: عرفان لغاري جو لاش 36 ڪلاڪن کان پوءِ وارثن جي مرضي کان سواءِ پوليس جي سخت پهري هيٺ مٽيءَ ماءُ حوالي

مورو: موري ۾ وڳوڙن دوران زخمي ٿيڻ کانپوء حيدرآباد جي اسپتال ۾ دم ڏيندڙ  نوجوان عرفان لغاري جو لاش 36 ڪلاڪن کانپوء وارثن جي مرضي کانسواء پوليس جي سخت پهري هيٺ دفن ڪيو ويو آھي.

وارثن پاران مقتول جو لاش وٺڻ کان انڪار  کانپوء نوجوان عرفان لغاري جي پوليس جي سخت پهري هيٺ محمد حسين قبرستان ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

مقتول نوجوان کي پوليس جي سخت پهري هيٺ ۽ وارثن جي مرضي کانسواء مٽي ماء حوالي ڪيو ويو پوليس جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪمن بعد لاش جون سموريون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش کي دفن ڪيو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔