اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) پاڪستان جي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ حدفن تي اعتراض اٿاريندي ترقياتي منصوبن جي مالي بار تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
رپورٽ موجب ذريعن چيو آهي ته ترقياتي منصوبن جو ٿرو فارورڊ 10 هزار ارب روپين کان مٿي ٿي چڪو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف منصوبه بندي واري وزارت کان 500 جاري ترقياتي منصوبن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.
رپورٽ موجب ترقياتي منصوبن جي اڪثريت مهانگا انفرا اسٽرڪچر منصوبا آهن، حڪومت کي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ناڻي ۽ منصوبه بندي واري وزارت ۾ به اختلاف سامهون اچي ويا آهن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته بجيٽ حدفن تي اتفاق نه ٿيڻ سبب ايندڙ مالي سال جي منصوبه بندي دير جو شڪار ٿي رهي آهي. رپورٽ موجب سالياني منصوبه بندي رابطه ڪميٽي جو اهم اجلاس ملتوي ڪيو ويو، نئين تاريخ بعد ۾ ڏني ويندي.
اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ ۽ معاشي پلان تي سفارشارت تيار ٿيڻيون هيون، اجلاس ۾ هلندڙ مالي سال جي معاشي ڪارڪردگي جو به جائزو وٺڻو هو. ذريعن چيو آهي ته اجلاس ۾ دير سبب بجيٽ سازي جي عمل تي منفي اثرات پوڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ام جي وچ ۾ بجيٽ مشاورت جي لاءِ ورچوئل ڳالهيون اڄ ٿينديون. جڏهن ته عالمي مالياتي فنڊ ڳالهين کان اڳ پاڪستان کان گيس ڪمپنين جو ڊيٽا طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن چيو آهي ته ورچوئل ڳالهين ۾ گيس سيڪٽر جي گردشي قرض تي ڳالهيون ٿيڻ جو امڪان آهي. پيٽروليم ڊويزن طرفان گيس جو گردشي قرض ختم ڪرڻ جي لاءِ اهم پلان فراهم ڪيو ويندو.
ذريعن موجب گيس جي شعبي ۾ گردشي قرض 2000 ارب روپين کان وڌي چڪو آهي انهي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڊيوڊنڊ استعمال ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. آءِ ايم ايف وفد گيس جي شعبي جي ڪمپنين جو ڊيٽا طلب ڪيو آهي.
ذريعن چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي گيس ڪمپنين جي 5 سالن جي ڪارڪردگي پيش ڪئي ويندي. گيس ڪمپنين جي 5 ساله منافعي ۽ نقصان سميت بيلنس شيٽ تي ڳالهيون ڪيون وينديون. حڪومت گيس سيڪٽر جو گردشي قرض ايندڙ 5 سالن ۾ ختم ڪرڻ جو پلان پيش ڪندي.