سوشل ميڊيا پليٽ فارم تان 18 ڪروڙ، 48 لک پاسورڊز ليڪ ٿيڻ جو انڪشاف

لاهور: گوگل، مائيڪرو سافٽ، فيس بڪ ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تان 18 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ پاسورڊز ليڪ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

نيشنل سائبر سيڪيورٽي ايمرجنسي ريسپانس ٽيم ايڊوائزري جاري ڪندي صارفين کي فوري طور تي اهم پاسورڊ تبديل ڪرڻ ۽ ٽو فيڪٽر ويري فڪيشن کي فعال ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.

انهي کان علاوه ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته پاسورڊ ري سيٽ بابت شڪي لنڪس يا اي ميلز تي ڪلڪ ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ غير معمولي سرگرمي جي صورت ۾ پنهنجي اڪائونٽس جي نگراني ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔