سني اتحاد ڪونسل مخصوص سيٽن جي حقدار نه آهي: مندوخيل

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جسٽس جمال مندوخيل چيو آهي ته سني اتحاد ڪونسل مخصوص سيٽن جي حقدار ناهي، سني اتحاد ڪونسل جي بجاءِ آزاد اميدوار جيڪڏهن پي ٽي آءِ ۾ رهن ها ته اڄ اهو مسئلو نه ٿئي ها.جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ مخصوص سيٽن جي فيصلي تي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت بلالي سوال اٿاريو ته سني اتحاد ڪونسل مخصوص سيٽن تي ڪيئن دعويٰ ڪئي؟ سني اتحاد ڪونمسل کي مخصوص سيٽون ڪيئن ملي سگهن ٿيون؟ پارليامينٽ ۾ ايندڙ پارٽين ۾ آزاد اميدوار شامل ٿي سگهن ٿا پر جيڪي سياسي پارٽيون پارليامينٽ ۾ نه هجن انهي ۾ ڪيئن آزاد ماڻهو شامل ٿي سگهن ٿا؟ وڪيل مخدوم علي خان موقف اختيار ڪيو ته سني اتحاد ڪونسل موجب آزاد اميدوار انهن سان شامل ٿي ويا هئا. جسٽس مسرت بلالي سوال ڪيو ته ڇا سني اتحاد ڪونسل چونڊن ۾ حصو ورتو هو؟ وڪيل جواب ڏنو ته سني اتحاد ڪونسل چونڊن ۾ حصو نه ورتو، سني اتحاد جي چيئرمين پاڻ آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهي.جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته سني اتحاد ڪونسل پارلياماني پارٽي بڻائي سگهي ٿي پر مخصوص سيٽن جي حقدار ناهي، جسٽس مسرت بلالي چيو ته آزاد ميمبرن کي کٽيل پارٽي ۾ شامل ٿيڻو هو. وڪيل مخدوم علي خان چيو ته سني اتحاد ڪونسل جي اپيل کي گڏيل طور تي رد ڪيو ويو. مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويو جڏهن ته ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ کان اڳ نوٽيس نه ورتو ويو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته عدالت اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو هو. مخدوم علي خان چيو ته نوٽيفڪيشن سان جيڪڏهن ڪو متاثر ٿيو ته عدالت کي نوٽيس ڪرڻ گهرجي ها. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آرٽيڪل 225 جي ڪيس ۾ اطلاق ڪيئن ٿيندو آهي؟ جسٽس مظهر چيو ته اهو مخصوص سيٽن جو معاملو هو. مخصوص سيٽون متناسب نمائندگي تي الاٽ ٿينديون آهن. وڪيل چيو ته مخصوص سيٽن جون فهرستون اليڪشن کان اڳ جمع ٿينديون آهن. جسٽس جمال چيو ته جيڪڏهن اوهان جي دليلن کي مڃي وٺون ٿا ته پشاور هاءِ ڪورٽ کي اختيار نه هو. عدالت چيو ته جيڪڏهن اڪثريتي ججز اهو سمجهن ته فيصلو ۽ نظرثاني صحيح آهن ته ڇا ٿيندو؟ جنهن تي وڪيل چيو ته جيڪڏهن اڪثريتي ججز اهو سمجهن ته فيصلو صحيح آهي ته نظر ثاني رد ٿي ويندي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته چونڊ نشان نه الاٽ ٿيڻ سان سياسي پارٽي ختم ناهي ٿيندي، سياسي پارٽيون اليڪشن نه وڙهنديون آهن اميدوار چونڊون وڙهندا آهن، چونڊ نشان عوام جي آگاهي لاءِ هوندو آهي. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته چونڊ نشان الاٽ نه ٿيڻ سبب ڪنهن کي چونڊن کان نٿو روڪيو وڃي. سني اتحاد ڪونسل جي بجاءِ آزاد اميدوار جيڪڏهن پي ٽي آءِ ۾ رهن ها ته اڄ مسئلو نه ٿئي ها، سني اتحاد ڪونسل پنهنجي چونڊ نشان تي اليڪشن وڙهي ها ته اهو مسئلو نه ٿئي ها، جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔