اسلام آباد: ڀارت والاريل ڪشمير ۾ حملن جون ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ لڳو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ميڊيا تي والاريل ڪشمير تي حملي جون خبرون جعلي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن.
ذريعن موجب، فيڪ خبرون ڦهلائڻ جو مقصد ناڪام، ڪوڙو تاثر پيدا ڪرڻ آهي ته پاڪستان به ڀارت تي حملو ڪري رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوڙيون خبرون پکيڙي ڀارت پاڪستان تي پنهنجي جارحيت جاري رکڻ جو مسلسل ڪوڙو جواز پيدا ڪرڻ چاهي ٿو.
ذريعن موجب، ڀارتي ميڊيا جي انهن ڪوڙي، هٿ ٺوڪين خبرن ۾ ڪا به سچائي نه آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڀارت ان کان اڳ امرتسر تي حملي جي ڪوڙي خبر پکيڙي جنهن جو مقصد سک برادري کي پاڪستان خلاف ڀڙڪائڻ هو.
ذريعن جوچوڻ آهي ته هاڻي ڀارتي ميڊيا والاريل ڪشمير ۾ حملن جي ڪوڙي خبر هلائي رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا جي ايف 16 ڪيرائڻ واري دعوي به ڪوڙ تي ٻڌل آهي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت جو والاريل ڪشمير ۾ حملن جي ڪوڙي خبر جو مقيد ڪشميرن ۾ پاڪستان لاءِ نفرت پيدا ڪرڻ آهي.