مظفرآباد: بوکلاهٽ جو شڪار ڀارتي فوج سول آبادي تي ٻيهر بمباري شروع ڪري ڏني، فائرنگ ۽ بمباري سبب 5 شهري شهيد جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب بزدل ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول تي شڪست کائڻ کان پوءِ شهري آبادي کي نشانو بنائڻ لڳي، بوکلاهٽ جو شڪار ڀارتي فوج هجيره، فاروڊ ڪهوٽه ۽ کهوٽي رٽه ۾ سول آبادي کي نشانو بنايو.
ڀارتي فوج شهري آبادي تي ڀارتي هٿيارن جو استعمال ڪري رهي آهي جڏهن ته پاڪ فوج دشمن جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۾ مصروف آهي. جوابي ڪارروائي ۾ ڀارتي فوج جون توپون خاموش ٿي ويون آهن.
ٻئي طرف پاڪ فوج ڇتي فائرنگ دوران ڀارتي فوج جون ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون آهن. ڪيلر سيڪٽر ۾ ڊوبه مور پوسٽ، بٽالين هيڊ ڪوارٽر، سوجي ۽ پير کانتهي سيڪٽر ۾ جبار اينڊ ترکهيان ڪمپليڪس مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا. اهڙين پوسٽن جي تباهي سبب ڀارتي فوج کي ڳرو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي.
ڪارروائي دوران پاڪ فوج ڀارت جون 2 وڌيڪ پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون جنهن ۾ حاجي پير سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جي رنگ ڪنٽوئر پوسٽ ۽ پوکران مارٽر بگهسر پوسٽ شامل آهي. ڪيلر سيڪٽر ۾ دشمن جي مهيري پوسٽ خالصه ٽاپ جڏهن ته رکهه چڪري سيڪٽر ۾ دنا ٽاپ ۽ مائونڊ پوسٽ به تباهه ڪيون ويون.
پاڪ فوج جي تازن حملن ۾ دشمن کي ڳرو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. لائن آف ڪنٽرول تي پوسٽن جي تباهي سبب دشمن بوکلاهٽ جو شڪار ٿي چڪو آهي. ياد رهي ته پاڪستان هينئر تائين ڀارتي فوج جون ڪيتريون ئي پوسٽون تباهه ڪري چڪو آهي.