جلد واٽس ايپ ويب ورزن ۾ وڊيو ڪالنگ جو فيچر ايندو

نيويارڪ : ميٽا جي ملڪيت پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي ويب ورزن ۾ وائس ۽ وڊيو ڪالنگ جو فيچر متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهي آهي. ان فيچر جي متعارف ٿيڻ کانپوءِ، واهپيدارن کي ڪالز لاءِ بار بار موبائل استعمال ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. في الحال، واٽس ايپ جو ويب ورزن رڳو پيغامن کي موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته وائس ۽ وڊيو ڪالنگ لاءِ واهپيدارن کي موبائل جو استعمال ڪرڻو پوي ٿو. ٽيڪنالاجي رپورٽس موجب، واٽس ايپ هاڻي ان مسئلي جو حل ڳولي ورتو آهي ۽ ويب ورزن لاءِ وائس ۽ وڊيو ڪالنگ وارو فيچر جلد متعارف ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔