پاڪستاني سفير جي يو اين سيڪريٽري جنرل سان ملاقات: خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي ڳالهيون

اسلام آباد: گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير عاصم افتخار يو اين سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان اهم ملاقات ڪئي آهي.

نيويارڪ ۾ ٿيل انهي اهم ملاقات ۾ ڏکڻ ايشيا جي تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ انهي جي امڪاني اثرن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪستاني سفير زور ڏنو ته اسلام آباد خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ پرعزم آهيون ۽ هر ممڪن سفارتي ڪوششون جاري رکيون وينديون.

ڳالهين جي دوران ٻنهي اڳواڻن ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ مسئلن جي پرامن حل جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. عاصم افتخار انهي موقعي تي ڀارت جي جارحانه رويي کي تنقيد جو نشانو بنايو ۽ چيو ته نئين دهلي جون چڙ ڏياريندڙ پاليسيون ڏکڻ ايشيا جي امن لاءِ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪيون آهن.

پاڪستاني سفير وڌيڪ چيو ته ڀارت نه صرف سياسي مقصد جي لاءِ خطرناڪ بيان  ٺاهي رهيو آهي پر علاقائي استحڪام کي به داءُ تي لڳائي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔