سنڌ طاس معاهدي جي معطلي: پاڪستان اهم فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي تي پاڪستان باقاعده سفارتي ذريعن کان نوٽيس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب سنڌ طاس معاهدي جي معطلي تي قانوني ۽ آئيني مشاورت کان پوءِ پرڏيهي وزارت، آبي وسيلن واري وزارت ۽ قانون واري وزارت طرفان شروعاتي هوم ورڪ ڪيو ويو آهي. سفارتي ذريعن کان نوٽيس ۾ معاهدي جي معطلي جا پڪا سبب طلب ڪيا ويندا.

سنڌ طاس معاهدي جي معطلي خلاف عالمي فورم تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ ڀارت جي آبي جارحيت کي بهتر انداز ۾ دنيا جي سامهون آندو ويندو. انهي قدم جو مقصد پاڪستان جي موقف کي قانوني ۽ اخلاقي جواز ڏيڻ آهي.

پاڪستان سنڌ طاس  معاهدي تي قانوني سبقت رکي ٿو اميد آهي ته ڀارت کي جلد پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورا قدم حڪومت ۽ ڪابينه جي منظوري کان پوءِ کنيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔