دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جون جنگي مشقون جاري

اسلام آباد: پاڪستان فوج دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو مناسب جواب ڏيڻ لاءِ هميشه تيار آهي.سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستان فوج جون جنگي مشقون پوري زور سان جاري آهن. جنگي حڪمت عملي کي نظر ۾ رکندي، مشقن ۾ جديد هٿيارن جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي.انهن مشقن ۾ آفيسر ۽ سپاهي پنهنجي پيشيورانه صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪري رهيا آهن.سيڪيورٽي ذريعن موجب، جنگي مشقن جو مقصد دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو مناسب ۽ فيصلو ڪندڙ جواب ڏيڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔