منصفاڻو ليبر ماحول جوڙڻ ۽ مزدورن جي فلاح، بهبود لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو: صدر، وزيراعظم

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پورهيتن جي جدوجهد ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

صدر آصف زرداري عالمي پورهيتن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ پورهيت مرد عورتن جي ڪاوشن، جدوجهد ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.

صدر آصف علي زرداري چيو ته مزدورن جو ڏهاڙو سموري دنيا جي پورهيتن  جي پنهنجي حقن ۽ وقار جي جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو. اسان پورهيتن جي خودمختاري، منصفاڻي اجرت، محفوظ  ماحول ۽ سماجي تحفظ لاءِ پنهنجي ارادن جو اظهار ڪريون ٿا.

صدر چيو ته مزدور ۽ پورهيت طبقي جو اسان جي معيشت ۽ قومي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. مزدور اسان جي بنيادي ڍانچي جي تعمير، صنعتن، زراعت ۽ معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. اسان جا ڪارڪن اسان جو فخر آهن. اسان جي قومي ترقي پورهيتن جي محنت ۽ ڪردارن جي بدولت آهي.

هن چيو ته هڪ منصفاڻو ليبر ماحول جوڙڻ ۽ مزدورن جي فلاح وبهبود لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. اچو ملڪ ۾ گڏيل پاليسين، جامع ترقي ۽ هڪ اهڙي ڪلچر کي هٿي ڏيون جتي هر پورهيت جي ڪردار جو احترام ڪيو وڃي.

هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پورهيتن جي لاءِ محفوظ، صحتمند ۽ باوقار حالتن جو ارادو رکون ٿا. شهباز شريف چيو ته پورهيتن جو قوم جي ترقي ۽ حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهم ڪردار آهي. مزدورن جي بنيادي حقن جو تحفظ آئين ۾ لکيل آهي. مزدورن جي تحفظ لاءِ  اهم قانونسازي، انتظامي اصلاحات جون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔